واحد بخش شيخ

واحد بخش شيخ : تعليمي ماهر ۽ ليکڪ واحد بخش شيخ،17 جون 1919ع تي ڳوٺ ٻُٽ سرائي، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان، فائنل ميهڙ مان ۽ بي. اي 1943ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪرڻ بعد بي. ٽيءَ جو امتحان ڏنائين. 1945ع ۾ ايم. اي (عربي) ڪيائين. 1947ع کان 1951ع تائين بي. ٽي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار رهيو. 1951ع ۾ ٽريننگ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ هيڊماستر مقرر ٿيو. ان کان سواءِ پائلٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏنائين. پاڻ انگريزي، تاريخ، سائنس ۽ اسلاميات جا مضمون پڙهائيندو هو. شاگردن کي مختلف راندين جي تياري پڻ ڪرائيندو هو. هن شاگردن کي ادبي سرگرمين لاءِ پڻ اتساهيو. جنهن سبب ڪيترن ئي شاگردن جو ادب طرف لاڙو ٿيو. پاڻ مختلف اسڪولن ۾ هيڊماستر رهڻ بعد 1967ع ۾ ٽريننگ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پرنسپال مقرر ٿيو. 1969ع ۾ انسپيڪٽر آف اسڪولز ڪراچي، 1972ع ۾ ڊائريڪٽر اسڪولز ڪراچي، 1978ع ۾ ڊائريڪٽر آف اسڪولز ايجوڪيشن حيدرآباد ريجن پڻ رهيو. کيس پائلٽ هاءِ اسڪول ۾ ذميواريون نڀائڻ دوران ‘بيسٽ ٽيچر’ طور صدارتي اوارڊ پڻ مليو. تعليم جي موضوع تي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون پڻ لکندو هو. تعليم جي موضوع تي سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘سنڌي ٻوليءَ جو صرف و نحو’ (ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو)، ‘تعليم جا بنيادي اصول’ (ابن خلدون جو تعليمي نظريو)، ‘موجود تعليم ۽ قرآن جو تعليمي نظريو’ (1952ع) ۽ ‘ايجوڪيشن ٽيچنگ آف هولي قرآن’ (انگريزي) شامل آهن. واحد بخش شيخ، 5 آڪٽوبر 1979ع تي سٽيزن ڪالوني قاسم آباد، حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. کيس قاسم آباد جي گلستان سجاد واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.


لفظ واحد بخش شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1919.06.17  عيسوي

تعليمي ماهر ۽ ليکڪ واحد بخش شيخ،17 جون 1919ع تي ڳوٺ ٻُٽ سرائي، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.


1979.10.05  عيسوي

واحد بخش شيخ، 5 آڪٽوبر 1979ع تي سٽيزن ڪالوني قاسم آباد، حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. کيس قاسم آباد جي گلستان سجاد واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الحاج سيد حاجي عبدالرحيم شاهه
شير خواجه
ڏيرو عبدالڪريم
حڪيم لقمان
پير آف راڻيپور
علي مير شاهه
جتوئي غلام رسول مولانا
ثابت بن ضحاڪ
استاد لغاري
شمني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون